عزير بلوچ پاران گينگ وار جي عورت ونگ هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جاچ دوران گينگ وار جي عورت ونگ هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ذريعن موجب جاچ دوران عزير بلوچ انڪشاف ڪيو ته قرت العين، نبيلا ۽ سميرا سميت 10 عورتون ونگ کي هلائينديون آهن. جڏهن ته قرت العين، نبيلا، سميرا، ملڪه ۽ سمرين گينگ جون سهولتڪار آهن. قرت العين ۽ نبيلا ڏوهاري ٽولي جي ڪمانڊر جميل ڇينگا جون ويجهون مائيٽاڻيون آهن. جاچ دوران انڪشاف ڪندي عزير بلوچ ٻڌايو ته عورتن جي گروپ ونگ کان ڀتي خوري ۽ هٿيار پهچائڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قتل ڪرڻ بعد لاشن کي مختلف هنڌن تي عورتن ذريعي اڇلايو ويندو هو ۽ ڀتي جي رقم جمع ڪري عيني نالي عورت کي ڏني ويندي آهي. ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته لياري گينگ وار جي عورتن واري ونگ خلاف جلد ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *