عذير بلوچ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پوليس ٽيم دبئي پهچي وئي

دبئي(م.ڊ) دبئي ۾ گرفتار لياري گينگ وار جي مک ڪردار  عزير بلوچ  کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ 2 رڪني ٽيم دبئي پهچي وئي آهي. عذير بلوچ کي 29 ڊسمبر تي دبئي ۽ عمان بارڊر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ٽيم دبئي پهتي  آهي. دبئي پهتل ٽيم جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ ايندڙ آچر کان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. عذير بلوچ تي قتل  ۽  ڀنگ لاءِ اغوا  سميت مختلف ڪيس داخل آهن، سندس گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيون عدالتون ڪيترائي ڀيرا وارنٽ جاري ڪري چڪيون آهن…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *