عذير بلوچ جاچ دوران اهم سياسي اڳواڻن سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) لياري گينگ وار جي مک عذير بلوچ جاچ ۾ اهم سياسي اڳواڻن سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جاچ ادارن جي جاچ دوران لياري گينگ وار جي اهم جوابدار عذير بلوچ عتراف ڪندي چيو ته ان جا ڪيترن ئي سياستدانن سان واسطا هئا جن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ سياستدانن جو ڳچ انگ آهي خانگي ٽي وي موجب عذير بلوچ جاچ ادارن کي ٻڌايو ته ان جا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان لاڳاپا هئا جڏهن ته نبيل گبول ۽ جاويد ناگوري سان به ان جا سٺا لاڳاپا هئا عذير بلوچ اعتراف ڪيو ته کيس پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر سميت قادر پٽيل ۽ ثانيه بلوچ جي مالڪي ۽ حمايت به حاصل هئي جاچ ادارن جاچ کان پوءِ عذير بلوچ جي سياسي سرپرستن جا نالا حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ذريعن چيو ته عذير بلوچ جي اعتراف کان پوءِ انهن سياسي سرپرستن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي ويندي جڏهن ته گهرو وزارت جي منظوري کان پوءِ نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا. پابندي پيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عذير بلوچ جي زال ملاقات لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ان کي عذير بلوچ سان ملڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي 30 جنوري تي عذير بلوچ کي عدالت 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏنو هو پر اڃا تائين وڪيلن کي به ان سان ملڻ جي اجازت ناهي ڏني ويئي جنهن تي وڪيل عدالت سان رابطو ڪيو آهي ان موقعي تي عذير بلوچ جي زال جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درخواست ۾ عذير بلوچ جو طبي معائنو ڪرائڻ جي به اپيل ڪئي ويئي آهي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان جاري ريڊ وارنٽ کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *