عدنان سميع خان سلمان خان جي فرمائش تي پنهنجي فني ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو قوالي ڳائي

ممبئي (شوبز نيوز) چيو ويندو آهي ته بالي ووڊ جو دبنگ خان ڪا فرمائش ڪري ۽ ڪو ان کي پورو نه ڪري ته باقي ڇا بچو، عدنان سميع خان جنهن سلمان خان جي ايندڙ فلم ”بجرنگي ڀائيجان“ لاءِ پهريون ڀيرو نه رڳو قوالي ڳائي آهي پر ان کي پڪچرائز به ان تي ئي ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب عدنان سميع خان سلمان خان جي فرمائش تي پنهنجي فني ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو قوالي پڙهي ۽ ان جي عڪسبندي به مٿس ڪئي وئي. ”بهردو جھولي ميري“ جي عڪس بندي والاريل ڪسمير جي ضلعي پهلگام ۾ واقع مشهور روحاني مرڪز ”آئش مقام درگاهه“ ۾ ٿي. والاريل واديءَ جي حڪومت طرفان پهريون ڀيرو ان هنڌ شوٽنگ جي اجازت ڏني وئي هئي. قوالي پڙهڻ بابت عدنان سميع خان جو چوڻ هو ته سلمان خان ۽ سندس خاندان جا ڪيترن ئي سالن کان گھاٽا لاڳاپا آهن، بالي ووڊ ۾ ٺاهه ٺوهه وڌيڪ آهي پر سلمان خان جھڙو آهي تهڙو ئي نظر ايندو آهي. ان جي ڪري مان کيس تمام گھڻو پسند ڪندو آهيان. هن پنهنجي فني ڪيريئر دوران ڪڏهن قوالي ناهي ڳائي ۽ نه ئي ڪڏهن هن ڪنهن بالي ووڊ فلم ۾ ڪو گيت پڪچرائز ڪرايو آهي، پر سلمان خان کيس فون تي قوالي ڳائڻ ۽ مٿس فلمبندي جي فرمائش ڪئي جنهن تي هو انڪار نه ڪري سگھيو. هن چيو ته مون قوالي ڳائي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *