عدليا چوي ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ناهن ٿيون ته سرڪار جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو)  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت فيصلو عدالت کي ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن عدليا چوي ته سرڪار جو مينڊيٽ حقيقي آهي ته هو به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم متحد آهي، انڪري هو ماحول خراب نٿا ڪرڻ چاهين. ڪپتان چيو ته 30 ڊسمبر تي معاملا طئي ٿي ويا هئا پر انکانپوءِ حڪومت طرفان ساڻن ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته رابطو نه ٿيڻ ڪري مجبور ٿي هنن اسحاق ڊار کي 3 نقطن تي ٻڌل خط اماڻيو آهي، جنهن ۾ ڳالهين بابت ايم او يو ۽ ٽي او آر شامل آهن. جهانگير طرفان سرڪار کي لکيل خط بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سرڪار ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جوڊيشل ڪميشن آرڊيننس ذريعي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو هو. ڪپتان چيو ته سموريون جماعتون چون ٿيون ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، ان باوجود اهو فيصلو عدليا کي ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن عدالت چوي ته سرڪار جو مينڊيٽ حقيقي آهي ته هو به مڃڻ لاءِ تيار آهن. تحريڪ انصاف جي چيئرمين واضح ڪيو ته ڌانڌلين جي جاچ واري لڙائي نواز شريف ۽ سندس وچ ۾ نه پر اها جمهوري ويڙهه آهي. سندس چوڻ هو ته هو ان حوالي سان پنهنجي لائحه عمل جو اعلان 18 جنوري تي ڪندو. دهشتگردي بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سرڪار سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندا. پرويز رشيد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڪپتان چيو ته وفاقي وزير جو دماغي توازن درست ناهي، آرمي پبلڪ اسڪول آڏو احتجاج ڪندڙن جو ڏک هو چڱيءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي دوري دوران سندس پروٽوڪول لاءِ رڳو 6 گاڏيون هيون، انڪري پرويز رشيد کي غلط بياني کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ گستاخيءَ وارن خاڪن جي مذمت پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *