عدالت 18 هين ترميم خلاف ناهي، پر 21 هين ترميم تي روشني وڌي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، 18هين، 21 هين آئيني ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف ڪيس ۾ وفاق طرفان اٽارني جنرل کي دليل ڏيڻ لاءِ 15 جون تي طلب ڪري ورتو، عدالت جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ کي پاڻ ئي آئين جي بنيادي ڍانڍچي جي خبر ناهي. جسٽس ناصر المـُلڪ جي سربراهي ۾ 17 رڪني لارجر بينچ، 18 هين، 21 هين آئيني ترميمن ۽ فوجي عدالتن خلاف داخل درخواستن جي ٻـُڌڻي ڪئي. خيبر پختون خواهه حڪومت جي وڪيل افتخار گيلاني پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. افتخار گيلاني چيو ته پارليامينٽ جا اختيار بادشاهن جهڙا آهن، پارليامينٽ پنهنجا اختيار صوبن تائين محدود نه ٿي ڪري. جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ڏنا ته آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ پارليامينٽ کي آئين جو ڪم محفوظ ڪيل آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پارليامينٽ کي پاڻ ئي آئين جي بنيادي ڍانچي جي خبر ناهي. جسٽس اعجاز اسلم چيو ته عدالت 18 هين ترميم خلاف ناهي، پر 21 هين ترميم تي روشني وجهي وڃي. چيف جسٽس ناصر المـُلڪ وفاق طرفان دليل ڏيڻ لاءِ اٽارني جنرل 15 جون تي طلب ڪري ورتو. اٽارني جنرل سلمان اسلم خواجا 21 هين آئيني ترميم بابت 15 جون تي پنهنجا دليل ڏيندو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *