عدالت پي ٽي آءِ کي اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ پي ٽِي آءِ کي 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته ڪنهن به شهري جي بنيادي حقن کي متاثر ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو، رستن تي ڪي به ڪنٽينر نه لڳندا، اسڪول ۽ اسپتالون کليل رهنديون ۽ ڪو به امتحان ري شيڊول نه ٿيندو، سڀني تي واضح هجڻ گهرجي ته ايمائير صرف پاڪستان جون عدالتون آهن، ڪرڪيٽ ۾ اهڙا اصول هلڻ نه ڏينداسين، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين حڪومتي مشينري جام ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي 31 آڪٽومبر تي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پيمرا اختيارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد بند ڪرڻ بابت عمران خان جون تقريرون چيئرمين تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ ڏيکاريون وڃن، خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ بابت 4 شهرين پاران داخل درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل سنگل بينچ ڪئي. ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد سميت واسطيدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جج ريمارڪس ڏنا ته چيف ڪمشنر خاطري ڪرائي ته 2 نومبر تي ڪو به رستو، اسپتال، اسڪول بند ٿيندو ۽ نه ئي امتحان جو شيڊول تبديل ٿيندو ۽ ڪنٽينر لڳائي رستا بند نه ڪيا ويندا، عدالت چيو ته ضلعي انتظاميا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عمران خان کي جلسي لاءِ ڪو مخصوص هنڌ فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کي ان تائين محدود رکيو وڃي، عدالت اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته اها عمران خان جي جلسي لاءِ پريڊ ايونيو ۾ انتطام ڪري ۽ ان کي ان تائين محدود ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.   وفاقي گادي واري شهر ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسن ۽ ڌرڻن تي پابندي مڙهي وئي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ان کي اطلاع مليا آهن ته ڪجهه خاص ماڻهو اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي گڏ ٿيڻ سان اسلام آباد جي امن ۾ رڪاوٽ پئجي سگهي ٿي ۽ عوام جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو، نوٽيفڪيشن مطابق ملڪ جي تازي صورتحال جي پيش نظر اسلام آباد ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن تحت وفاقي گادي واري شهر ۾ هٿيارن جي نمائش، لائونڊ اسپيڪر جو استعمال، جلسن ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي، 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو ڪنهن به عوامي هنڌ تي جمع نٿا ٿي سگهن. ٻئي طرف تحريڪ انصاف اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪڻ جي حوالي سان اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا حڪمرانن سان خانداني لاڳاپا آهن ان ڪري هن کي اهو ڪيس ٻڌڻ ئي نه گهرجي ها. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو ڪيئن تصور ڪيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد بند ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي؟ اسلام آباد بند ڪرائڻ وارا قدم اسان نه پر حڪومت کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 2 نومبر تي پرامن احتجاج ڪنداسين، حڪومت پنجاب کان پوليس ۽ رٻڙ جون گوليون گهرايون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *