عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو اسلام آباد بند نه ٿيندو، اسڪول ۽ اسپتالون بند ڪرڻ ڏوهه هوندو: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ ڏڦيڙ آهي، جنهن ۾ ڪجھه ڌريون اقتدار ۾ اچڻ لاءِ تڪڙ پيون ڪن، کين شرم اچڻ گھرجي جو جنهن وڻ تي ويٺا آهن ان کي ئي ڪَٽي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته عدالت اڄ فيصلو ڏنو آهي ته اسلام آباد بند نه ڪيو وڃي، اسڪول اسپتالون، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ ڏوهه هوندو پر عمران خان ان تي به آڱريون کنيون، هو عدالت جي توهين ڪري چڪو آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته هي چون ٿا ته اسان انهن جو مينڊيٽ چورايو آهي، انهن جو مينڊيٽ آهي ڪهڙو جيڪو اسان چورايو آهي. هن چيو ته قوم جي بدقسمتي آهي جو رڳو فاسٽ بالنگ کان سواءِ ڪو به تجربو نه رکندڙ ليڊر مليو آهي جنهن سياسي اصولن جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، سندس ڪم ئي آهي مخالفن جون پڳون لاهڻ، گندگي پکيڙڻ. عمران خان جهڙو بي شرم سڄي پاڪستان ۾ ناهي ڏٺو. سعد رفيق موجب منهنجو اهو لهجو ناهي هوندو پر عمران خان ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته هي واعدا ڪندا ٽوڙيندا رهيا ۽ حڪومت صبر ڪندي رهي. همراهه جيئن هن وقت آسمان مٿي تي کنيو آهي ائين 2014ع ۾ به ڪري چڪو آهي. ائين اهو ئي ڪري سگھي ٿو جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو هجي. سعد رفيق چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلافن جي تاريخ موجود آهي، ٻنهي ڌرين ٻه ٻه ڀيرا هڪٻئي جون حڪومتون ڪيرائڻ کانپوءِ ڄاڻي ورتو آهي ته اهي بيوقوفاڻا ڪم آهن. هن چيو ته مڃيون ٿا ته مخالف ڌر ٻڏ تر جو شڪار آهي. مخالف ڌر جي ڪجھه ماڻهن کي اقتدار ۾ اچڻ جي تڪڙ آهي. انهن کي ايتري تڪڙ نه هجڻ گھرجي جو جنهن وڻ تي ويهن ان کي ئي ڪَٽڻ شروع ڪري ڇڏين. سعد رفيق وڌيڪ چيو ته سي پيڪ چند روڊن جو نالو ناهي، نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ٽيڪ آف ڪري چڪو آهي. 2018ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سرخرو ٿينداسين. سعد رفيق موجب عمران خان ٻڌائي هو ڪهڙو ماڻهو آهي؟ ڇا هو ڪنهن جي عزت ڪري ٿو؟ هي ماڻهن جي تلاشي وٺڻ جي ڳالهه ڪن ٿا انهن جي مڪمل تلاشي ٿيندي. خان صاحب جي اي ٽي ايم مشينن جي به تلاشي ورتي ويندي. سعد رفيق موجب خان صاحب اخلاقيات جون سموريون حدون اورانگھي چڪو آهي، پي ٽي آءِ وارا پنهنجي پارٽي سربراهه جو علاج ڪرائين.سعد رفيق ق ليگ اڳواڻن تي به سخت  تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن پرويز الاهي صاحب احتساب جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسان کي کِل ايندي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا پ پ کان مدد به وٺن ٿا ۽ انهن کي گاريون به ڏين ٿا. اسين گاريون کائڻ باوجود پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ڌرڻي وارن کي چئون ٿا ته قانون هٿ ۾ نه کڻو، احتجاج ضرور ڪريو پر آئين جي حدن ۾ رهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *