عدالتي فيصلي جي آجيان، صدر هاڻ آرڊيننس فيڪٽري بند ڪريۡ: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه سينيٽ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عدالتي فيصلو پي ڊي ايم جماعتن جي اخلاقي ۽ قانوني سوڀ آهي نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪمرانن کي قانوني محاذ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪامي ٿي هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سپريم ڪورٽ  آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏنو آهي سينيٽ اليڪشن بابت عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن جي ضد جي ڪري نه رڳو عدالت جو وقت ضايع ڪيو ويو، پر قوم کي به پريشان ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي اين اي 75 واري فيصلي سان پڻ اپوزيشن جي موقف جي فتح ٿي آهي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ سان ملڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪمرانن پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ رياستي ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي پشيماني ٿي ۽ ان قدم سان ايوان صدر جي پڻ ساک  متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هاڻي صدر مملڪت آرڊيننس فيڪٽري به بند ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته انهن پاران جاري ڪيل آرڊيننس قانوني ناهن هوندا.صوبائي وزير اطلاعات چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي پارليامينٽرين تي ڀروسو ناهي، تنهن ڪري ڳجهي بيلٽنگ جي خلاف فيصلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان هميشه امپائر جي آنڱرين جي اشارن تي ڀاڙيندو رهيو آهي. سينيٽ اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورڇ تي اڄ به هن جا ميمبر ناراض آهن.خان صاحب فقط پنهنجن مائٽن ۽ اي ٽي ايمز کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن. صوبائي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ سينيٽ جي چونڊ جو طريقيڪار واضح طور تي موجود آهي ، پوءِ به خواهشن تي قانون سازي جي ڪوشش ڪئي وئي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته اسان جي چيف جسٽس آف پاڪستان کي گذارش آهي ته صدر آصف علي زرداري به هڪ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ کي اماڻيو هو، ان کي به  ٺيڪ اپ ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *