عدالتن سزائن کان نه ڦاهين کان روڪيو آهي: عاصمه جهانگير

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته عدالت سزائن کان نه پر ڦاهين کان روڪيو آهي، فوجي عدالتن سان مسئلا حل ٿين ها ته گهڻو وقت اڳ حل ٿي چڪا هجن ها. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته فوجي عدالتن طرفان ڏنپ موت جي سزا بابت سپريم ڪورٽ مناسب فيصلو ڏنو آهي، بنيادي حق متاثر ٿيا ته ٽرائل به روڪرايو ويندو. هن چيو ته هو ذاتي طور ڦاهين جي خلاف آهي، بنيادي انساني حقن جي لاءِ وڙهي رهيا آهن، بنيادي  حق متاثر ٿيڻ نه ڏنا ويندا، هڪ قيدي کي ڦاهي ڏيڻ جي خبر وارثن کي اخبار ذريعي پئي. هن چيو ته فوجي عدالتن جو مطلب اهو ناهي ته بنيادي حق کسيا وڃن، دهشتگردي خلاف فوجي عدالتون متبادل ناهن، انهن سان مسئلو حل ٿئي ها گهڻو وقت اڳ حل ٿي چڪو هجا ها. هن چيو ته هو ادارن ۾ ڇڪتاڻ نه ٿا چاهن، سپريم ڪورٽ بار ادارن ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ نه ڏيندي…….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *