عبيرا قتل ڪيس: ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ماڊل گرل عظميٰ رائو کي موت جي سزا

 

 

لاهور (شوبز نيوز) لاهور جي سيشن عدالت اداڪارا عبيرا قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مقتولا جي ساٿي ماڊل گرل عظميٰ رائو کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي. عظميٰ رائو پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ پئي چاهيو ۽ ان ڪم ۾ مدد نه ڪرڻ تي هن عبيرا کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. قتل جي ان ڪيس جو فيصلو ايڊيشنل سيشن جج عائشا رشيد ٻڌايو. ماڊل گرل عظميٰ رائو کي موت جي سزا سان گڏ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي وئي. عدالت ڏوهه ۾ عظميٰ رائو سان شريڪ فاروق ۽ حڪيم ذيشان کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو. عبيرا قتل ڪيس جو چالان شيرا ڪوٽ پوليس 2015ع ۾ جمع ڪرايو هو. اداڪارا جو مڙهه فيبروري 2015ع ۾ شيراڪوٽ جي هڪ بس اسٽينڊ مان سوٽ ڪيس ۾ مليو هو. سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان طوبيٰ عرف عظميٰ رائو جي سڃاڻپ ٿي، جنهن کانپوءِ کيس حراست ۾ ورتو ويو هو، جڏهن ته عظميٰ ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو هو ته عبيرا منهنجي دوست هئي، مان سندس گهر ۾ ئي ساڻس گڏ رهندي هيس ۽ ان جا سڀ راز ڄاڻندي هيس. عظميٰ موجب مان پنهنجي مڙس بابر بٽ مان جان ڇڏائڻ لاءِ کيس قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پر عبيرا منهنجو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ دوست فاروق ۽ حڪيم ذيشان وٽان زهر گهرائي عبيرا کي ڏئي ڇڏيم.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *