عبدالقادر جي پٽ عثمان قادر جو ڏکڻ آفريقا طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر  عبدالقادر جي پٽ عثمان قادر پي سي بي جي پاليسين کان تنگ ٿي ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عثمان قادر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان انڊر 19، اي ٽيم ۽ انڊر 23 ٽيم ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ باوجود کيس نظرانداز ڪيو ويو. هن چيو ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ کي تباهه نه ٿيڻ ڏيندو ۽ ڪيرير کي بچاڻ لاءِ هن ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ڏانهن کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عثمان قادر وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ راند کيڏي هو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جونالو روشن ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان کيڏڻ جي تمام گهڻي خواهش هي پر ليجنڊ ڪرڪيٽر جو پٽ هڻ ڪري قومي ٽيم ۾ شموليت تمام گهڻي مشڪل ٿي رهي هي، جنهن ڪري عمران طاهر وانگر هو به ڏکڻ آفريقا جي ٽيم طرفان کيڏڻ لاءِ قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *