عام چونڊون شفاف هيون يا نه: جڊيشل ڪميشن جو سوالنامو جاري

اسلام آباد (بيورو) جڊيشل ڪميشن، 2013ع جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت سياسي جماعتن کي لکت ۾ سوالنامو جاري ڪندي ٻن ڏينهن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ عام چونڊن۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران جڊيشل ڪميشن پاران گذريل عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي جماعتن کي لکت ۾ سوالنامون جاري ڪيو ويو آهي. جوڊيشل ڪميشن پاران سياسي جماعتن کان پهرئين سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته گذريل عام چونڊون اڻ ڌريون ۽ شفاف هيون يا نه، جيڪڏهن نه ته ان جو سبب ڪهڙو هو؟ ٻيو نمبر سوال اهو آهي ته ڇا 2013ع وارين چونڊن ۾ منظم طريقي سان ڌانڌليون ڪيون ويون، جيڪڏهن ها ته آخر اهو منصوبو ڪنهن جوڙيو ۽ ان تي عمل ڪنهن ڪرايو؟ سوالنامي ۾ اهو به پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته ڌانڌلين  جي رٿابندي تي عملدرآمد لاءِ ڪهڙو طريقو استعمال ڪيو ويو؟ جڊيشل ڪميشن جي سوالنامي موجب،ڌانڌليون رڳو قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيون يا سمورين سيٽن ۽ اهي سمورن صوبن ۾ ٿيون آهن يا ڪنهن مخصوص صوبي ۾ ٿيون آهن؟ جڊيشل ڪيمشن سمورين سياسي جماعتن کي ٻن ڏينهن اندر ڄاڻايل سوالن جا جواب جمع ڪرائڻ ۽ الزامن جي حمايت ۾ مواد، دستاويز ۽ شاهدن جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *