عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ قائم انڪوائري ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ قائم انڪوائري ڪميشن پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ راءِ محفوظ ڪري ورتي آهي، اليڪشن ڪميشن  جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته تحريڪ انصاف منظم ڌانڌلي جا 8 الزام هنيا پر هڪ به ثابت نه ڪري سگهي، منظم ڌانڌلي نه ٿي آهي. انڪوائري ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس جسٽس ناصر المُلڪ جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن کانپوءِ انڪوائري ڪميشن جي اجلاس جي ڪارروائي به مڪمل ڪئي وئي. انڪوائري ڪميشن جا مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ ڪل 39 اجلاس ٿيا، جن ۾ ٻه ان ڪيمرا اجلاس، هڪ چيمبر اجلاس ۽ 36 اوپن ڪورٽ اجلاس شامل آهن. انڪوائري ڪميشن جي اجلاسن ۾ مختلف پارٽين جا 69 شاهد پيش ٿيا. انڪوائري ڪميشن جو پهريون اجلاس 9 اپريل تي ٿيو، جڏهن ته پهريون اوپن ڪورٽ اجلاس 16 اپريل تي ٿيو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي انڪوائري ڪميشن پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري راءِ محفوظ ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جو اڄ آخري اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. اڄوڪي ڪارروائي دوران چيف جسٽس ٻه فهرستون ڇاپڻ بابت سلمان اڪرم راجا کان پڇا ڪئي، جنهن تي هن چيو ته 21 اپريل واري فهرست ۾ واڌو بيلٽ پيپر هئا، تنهنڪري 26 اپريل تي ٻيهر فهرست ڇاپي وئي. سلمان اڪرم راجا چيو ته عام چونڊون غلطين کان پاڪ نه هونديون آهن، هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي رجسٽرڊ ووٽرز لاءِ بيلٽ پيپر ڇپرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، رجسٽرڊ ووٽرز کان گهٽ بيلٽ پيپر ڇپرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته 1970 کان واڌو بيلٽ پيپر ڇاپڻ اليڪشن ڪميشن جو رائج طريقه ڪار آهي. هن چيو ته بيلٽ پيپرز 26 اپريل جي فيصلي تحت ڇاپيا ويا، 21 ۽ 26 اپريل تي 2 فهرستون تيار ڪيون ويون. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ڪا به منظم ڌانڌلي نه ٿي آهي، پرزائيڊنگ آفيسرن جون انفرادي غلطيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته اضافي بيلٽ پيپر ڇاپڻ اليڪشن ڪميشن جي روايت آهي، 1970 کان واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويندا آهن. هن چيو ته آئين پابند ٿو ڪري ته اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ ووٽرز جيترا بيلٽ پيپر ڇاپي. هن چيو ته ڪنهن به خانگي پرنٽنگ پريس کان بيلٽ پيپر نه ڇاپرايا ويا ۽ منظم ڌانڌلي جو ڪو به ثبوت سامهون نه آيو آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل حفيظ پيرزاده چيو ته پنجاب جي 45 تڪن تي وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا. هن چيو ته 11تڪن جي ريٽرننگ آفيسرن بي ضابطگين جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته اين اي 21جي پولنگ اسٽيشن تي لسٽون نه لڳايون ويون. انڪوائري ڪميشن وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪارروائي کي به مڪمل قرار ڏيندي راءِ کي محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. انڪوائري ڪميشن واضح ڪيو آهي ته صدارتي آرڊيننس وسيلي انڪوائري ڪميشن جو قيام عمل ۾ آيو ۽ صدارتي آرڊيننس جو مدو جيئن ته 120 ڏينهن هوندو آهي، تنهنڪري ڪارروائي کي ان مدي کان اول مڪمل ڪيو ويو. وضاحت ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته انڪوائري ڪميشن کي 45 ڏينهن ڏنا ويا هئا، جنهن جو مطلب 45 اجلاس هئا پر ڪميشن اها ڪارروائي 39 اجلاسن ۾ ئي اڪلائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *