عام چونڊن ۽ سينيٽ اليڪشن کي شفاف ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم اهڙي چونڊ چاهي ٿو جنهن تي ڪوئي اعتراض نه ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير شبلي فراز  چيو آهي ته عام چونڊن ۽ سينيٽ اليڪشن کي شفاف نموني سان ٿيڻ گهرجي وزيراعطم اهڙي اليڪشن چاهي ٿو جنهن تي ڪير اعتراضَ نه ڪري قوم ڄاڻي ورو آهي ته اوپن بيلت تي اليڪجشن جي مخالفت ڪندڙ ڪير آهن چاهيون ٿا ته ايندڙ جنرل اليڪشن اليٽرانڪ ووٽنگ جي ذريعي ٿين اليٽرانڪ ووٽنگ جي ذريعي اورسيز پاڪستاني حصو وٺي سگهندا ان ۾ شڪ نه آهي ته عوام مهانگائي وگهي سخت پريشان آهي ملڪ مشڪل حالتن ۾ آهي هر شهري کي ان جي ترقي ۾ حصو وجهڻ گهرجي 18هين ترميم جي ڪجهه شقن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو اربع تي هتي ڪابينه اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جو به حق آهي جنهن لاءِ هڪ ڪميٽي صروري قدم کڻي رهي آهي هن چيو ته اورسيز پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو ملڪ جي چونڊ عمل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين اليڪٽرونڪ ووٽنگ جي ذريعي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن. اسان جي جدوجهد آهي ته جرنل اليڪشن، سينيٽ ۽ مڪاني چونڊن کي شفاف بڻايو وڃي شبلي فراز چيو ته ڪابينه جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جنسي ڏوهن جي شرح گهٽ نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو هن ٻڌايو ته وزرياعظم نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي جنسي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻن. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جيتوڻيڪ زينب الرٽ بل منظور ٿي چڪو اهي پر ان جا سمر مايوس حد تائين گهٽ آهن ۽ ان جي عملي سطح تي ڪائي شڪل نظر نه پئي اچي جنهن سبب ٻارڙن ۽ عورتن جي خلاف جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن هن ميڊيا تي زور ڏنو ته هو زينب الرٽ بل بابت ماڻهن کي آگاهي ڏي وفاقي وزير سينيٽ ۾ اوپن بيلت جي معاملي تي چيو ته عوام ڄاڻي چڪو آهي تهڪير سينيٽ ۾ قابليت ۽ اهليت رکندڙ ماڻهو آڻڻ چاهي ٿو ۽ ڪير دولت جي گيم کيڏي سيٽ تي اچڻ چاهي ٿو هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اليڪشن شفاف ٿيندي جنهن ۾ پئسن جو ڪوبه ڪردار نه هوندو. شبلي فراز چيو ته مهانگائي وگهي سڀ متاثر ٿي رهيا آهن جنهن جا کوڙ سارا سبب آهن پر ٽيڪس جي اڳاڙي مايوس ڪندڙ هئي جيڪا هاڻي بهتر ٿي آهي هن اقرار ڪيو ته سبب جيڪو به هجي مهانگائي عوام کي سخت تڪيلف ڏني آهي سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم جي ڪائي ڪئمپ آفيس نه آهي جيڪڏهن خرچن جي ڳالهه ڪريون ته پرائم منسٽر هائوس جا 2018 ۾ خرچ 50 ڪروڙ 90 لک رپيا، آفيس 50 ڪروڙ 14 لک رپين مان گهٽجي 339 ملين رپيا ۽ 30 ڪروڙ پنجاهه لک رپيا ٿيا اهڙي طرح ترتيبوار 35 ۽ 40 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي ويئي وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومتون پاڻ کي قانون ۽ معاشي لهاط کان عوام کان مٿانهون سمجهنديون هيون شبلي فراز چيو ته فيصل واوڊا ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت اهي سينيٽ ۾ اسان وٽ فيصل واوڊا جهڙو ڳالهائڻ وارو نه آهي جيستائين ان بابت فيصلو نٿو اچي اهو حڪومت جو حصو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *