عام ماڻهو پٽواري سسٽم مان تنگ ٿي ويا آهن، سسٽم کي ڪامياب بڻايو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ بورڊ آف روينيو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ صوبي جي 29 ضلعن جي 15 ملين (ڏيڍ ڪروڙ) صفحن تي مشتمل روينيو ريڪارڊ کي ڪاميابيءَ سان ڪمپيوٽرائيز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر رضوان ميمڻ اڄ اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ روينيو ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس ۾ بريفننگ ڏيندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جي سيڪريٽري اقبال دراني، ميمبر بورڊ آف ريوينيو ذوالفقار شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر رضوان ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته 29 ضلعن جو ريوينيو ڪمپيوٽرائيز ريڪارڊ 15 ملين (ڏيڍهه ڪروڙ) صفحن تي مشتمل آهي ۽ اسان جي نون ڊيٽا اِنٽري فرمن روينيو ريڪارڊ جي اسڪيننگ ۽ فهرستن سميت 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ميمبر بورڊ آف ريوينيو ذوالفقار شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته روينيو ريڪارڊ ۾ تمام گهڻيون بنيادي خاميون هيون، جن جي صحيح طريقي تحت تصديق ڪئي وئي آهي، انهن خامين جو مثال ڏيندي هن ٻڌايو ته 35 سيڪڙو ورهايل شيئرز ۾ غلطيون هيون، 30 سيڪڙو ريڪارڊ جا سروي نمبر ئي غائب هئا، 3 سيڪڙو ۾ ڳڻپ جون غلطيون هيون، هڪ سيڪڙو غلطين ۾ خريدار ۽ وڪري ڪندڙن جا نالا شامل نه هئا ۽ جڏهن ته 2 سيڪڙو ڪاغذن جي تصديق نه ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس کي ياد ڏياريو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي ردعمل ۾ اٽڪل 850 ديهن جو ريڪارڊ ساڙيو ويو هو، ۽ هن سينئر ميمبر کان پڇا ڪئي ته ان ريڪارڊ کي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان ڇا ڪيو آهي؟ ان تي رضوان ميمڻ جواب ۾ چيو ته اهڙو ڪيترو ئي ريڪارڊ مائيڪرو فلمنگ يونٽس ذريعي واپس حاصل ڪيو ويو آهي ۽ اسان 400 ديهن جو ريڪارڊ ڳولهي لڌو آهي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 450 ديهن جو ريڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ميمبر بورڊ آف روينيو ذوالفقار شاهه ٻڌايو ته زمين جي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ گهربل ويلج فارم 1، غيرزرعي مقصدن لاءِ زمين جي استعمال يا گرانٽ جي رجسٽريشن جي وليج فارم نمبر 2، زرعي زمين جي حقن واري ريڪارڊ جو وليج فارم 7 ۽ پراپرٽي رجسٽر ڪرائڻ جي وليج فارم 7 پارٽ B سميت ٻين اهم فارم کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته فارم 7 پارٽ B جو مطلب آهي ميوٽيشن رجسٽر، پراپرٽي رجسٽر ۽ ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ ميونسپلٽي کان ڌار زمين جي تفصيلن لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ پراپرٽي ڪارڊ اهو ڪراچي کان علاوه ٻين شهرن جي سٽي سروي لاءِ پراپرٽي جي رجسٽريشن جي ڪم ايندو آهي. هن چيو ته روينيو ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزڊ سان سندس اداري تمام گهڻو دلچسپ ڊيٽا گڏ ڪري ورتو آهي، جهڙوڪ 78 سيڪڙو ننڍا هاري جن وٽ 4 ايڪڙن کان به گهٽ زمين آهي، ان کان علاوه 4 کان 16 ايڪڙ زمين 16 سيڪڙو هارين وٽ آهي، جڏهن ته 16 کان 100 ايڪڙ رکندڙ وڏا زميندار رڳو 6 سيڪڙو آهن ۽ 100 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ صرف 0.34 سيڪڙو آهن. وڏي وزير طرفان پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ ميمبر بورڊ آف روينيو ٻڌايو ته 76 سيڪڙو زمين جا ملڪ مرد ۽ 9 سيڪڙو عورتون مالڪ آهن، جڏهن ته 15 سيڪڙو زمين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي گڏيل طور ملڪيت آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو “سنڌ زمين” جي نالي سان موبائل ايپليڪيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. جنهن ذريعي زمين جي روينيو ريڪارڊ تائين پهچ حاصل آهي ۽ اٽڪل 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ان سهولت جو استعمال ڪيو آهي، ذوالفقار شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته انهن وٽ 27 سروس سينٽرز آهن جنهن ۾ 25  سروس سينٽرز ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ فعال آهن، جڏهن ته باقي 2 سينٽرز به هلندڙ مهيني جي آخر تائين آپريشن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا. سروس سينٽر ۾ موجود سهولتن جي باري ۾ ٻڌائيندي ذوالفقار شاهه چيو ته ڪنهن به سروس سينٽر کان جديد سينٽرل ڊيٽابيس ذريعي زمين جي ريڪارڊ جي ڪاپي حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ خاص سيڪيورٽي جي حامل پيپرز ۽ ڪيو آر ڪوڊ جو استعمال ڪري جعل سازي کي ممڪنه حد تائين ختم ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ قائم ڊيٽا سينٽر جي باري ۾ هن ٻڌايو ته اتي سموري سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ 7 ٽيرابائيٽ ڊيٽا محفوظ ڪئي وئي آهي، جيڪو ڏيڍهه ڪروڙ صفحن تي مشتمل آهي ۽ اسان جي اسٽاف ۾ 27 سروس سينٽرز لاءِ 108 انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ماهر موجود آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 75 ملين صفحن کي جديد ڊيٽا ۾ منتقل ڪرڻ جو مائيڪرو فلمنگ وارو ڪم 2016 جي آخر تائين آن لائين موجود هوندو. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو چيو ته ڪراچي ڊويزن جي 93 ديهن جو ڊجيٽل نقشي ۽ صوبي جي باقي ضلعن جا نقشا به لينڊ ريڪارڊ ڊيٽابيس سان ڳنڍيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته هُو ڪنهن به غلطي جي درستگيءَ لاءِ پنهنجي ڪال سينٽرز کي فعال بڻائي ۽ غلطين جي نشاندهي ۽ تصديق لاءِ فيڊبيڪ سسٽم موثر هئڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري سنڌ روينيو ريڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم جي افتتاح لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي دعوت ڏني ته جيئن ان سسٽم کي سموري سنڌ ۾ فعال ڪيو وڃي. ان تي وڏي وزير ايندڙ هفتي حيدرآباد ۾ افتتاح ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو ۽ مٿن زور ڀريو ته هُو عوام ۾ ان جي تشهير ڪن ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو پٽواري سسٽم مان تنگ ٿي ويا آهن. هن چيو ته اوهان پهرين ان سسٽم کي ڪامياب بڻايو پوءِ اوهان کي ميوٽيشن ورڪ به ڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *