عام طور بالي ووڊ جون فلمون تمام گھٽ ڏسندو آهيان: نانا پاٽيڪر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار نانا پاٽيڪر دپيڪا جي اداڪاريءَ جي تعريف ڪندي پنهنجي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهندڙ فلم ۾ کيس شامل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ نانا پاٽيڪر جو چوڻ هو ته هو عام طور بالي ووڊ جون فلمون تمام گھٽ ڏسندو آهي، پر ڀارتي فلم نگريءَ ۾ هِن وقت جيڪڏهن سٺين اداڪارائن جي فهرست ٺاهي وڃي ته ان ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا جا نالا سڀ کان اڳتي اچن ٿا، خاص طور دپيڪا تمام نفيس انسان آهي، هو چاهي ٿو ته دپيڪا سندس هدايتڪاريءَ ۾ ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪري، ان جي لاءِ مون کيس اسڪرپٽ به موڪليو آهي، جيڪڏهن هن انڪار ڪيو ته پوءِ ان ڪردار جي لاءِ نئين اداڪارا کي موقعو ڏنو ويندو. واضح رهي ته نانا پاٽيڪر هڪ عورت جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري ڪندو ۽ ان جي شوٽنگ جو وڏو حصو کٽمنڊو ۾فلمايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *