عامر ۽ ڪوهلي ۾ ڪيترائي يادگار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا: شعيب اختر

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته سچن ٽنڊولڪر کي بالنگ ڪرڻ چئلينج هوندو هو ۽ منهنجو خيال آهي ته ڪوهلي ۽ عامر وچ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ مقابلي به ايترائي دلچسپ هوندا جيئن اسان جي جنگ هلندي هئي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻئي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا جڏهن هڪ ٻئي جي خلاف کيڏندا ته ان کان بهتر ڪجهه نه هوندو شعيب چيو ته ڪوهلي انڊيا جو سڀ کان بهتر بيٽسمين آهي ۽ عامر جي شموليت سان پاڪستان جو بائولنگ اٽيڪ ڪافي بهتر ٿي ويو آهي. ڪڏهن به هي ٻئي هڪٻئي جي خلاف ايندا ته مزو اچڻ وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *