عامر خان کي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ روپين جي آڇ

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ مسٽر پروفيڪٽ عامر خان باڪس آفيس جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ کاپوءِ هاڻ ايڊورٽائزمينٽ جي دنيا ۾ به نئون رڪارڊ بڻائيندو، عامر خان کي هڪ نجي ڀارتي ڪمپني اشتهار لاءِ 2 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪري ڇڏي بالي وُڊ جي مهانگي ترين اداڪارن ۾ شمار ٿيندڙ عامر خان اڄ ڪلهه ڀارت ۾ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنين جي پهرين چوائس آهي فلم پي ڪي جي رڪارڊ ڪاميابي کانپوءِ هاڻ هو هڪ نجي ڪمپني سان اشتهار لاءِ 2 ڪروڙ روپيا وٺندو اشتهار جي خاص ڳالهه اها هوندي ته اشتهار ۾ ان جي گهرواري ڪرن رائو به نظر ايندي ان کان اڳ بالي وُڊ جا ڪيترائي جوڙا اشتهارن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *