عامر خان حياتيءَ جون 52 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار مسٽر پرفيڪشنسٽ پنهنجي- حياتيءَ جون 52 بهارون ڏسي ورتيون. عامر خان 14 مارچ 1965ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1973ع کان ڪئي، جنهن دوران چائلڊ اسٽار طور پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريون، فلم جو نالو ”يادو ڪي بارات“ هو، جنهن جو پروڊيوسر سندس چاچو ناصر حسين هو، ان کان پوءِ عامر خان 1988ع فلم ”قيامت سي قيامت تڪ“ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جنهن عامر خان کي بالي ووڊ ۾ هڪ هيرو طور سڃاڻپ ڏني. هن هيل تائين ڪيترين ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”اڪيلي هم اڪيلي تم، دل هي ڪي مانتا نهين، جو جيتا وهي سڪندر، غلام، انداز اپنا اپنا، راجا هندستاني، عشق، مَن، دِل، دل چاهتا هي، فنا، سرفروش، تلاش، ٿري ايڊيئٽس، لگان، دنگل، گجني، پي ڪي“ ۽ ٻيون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *