عاليه ڀٽ ۽ سڌارٿ ملهوترا وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويجھڙايون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پنهنجي بهادراڻي اداڪاري جي ڪري مشهور اداڪارا عاليه ڀٽ ۽ سڌارٿ ملهوترا وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويجھڙايون وڌي ويون آهن، سڌارٿ ملهوترا ۽ عاليه ڀٽ جي رومانس جون خبرون هر زبان تي عام آهن جڏهن ته ٻنهي اداڪارائن کي ڪيترن ئي هنڌن تي گڏ پڻ ڏٺو ويو آهي. اهو ئي نه پر ٻئي اداڪار اڪثر ڪري فلمي سيٽ تي به ملاقاتون ڪندي نظر ايندا آهن، پر هِن جوڙي پنهنجن لاڳاپن بابت ڪجھه واضح ناهي ڪيو. اڪشي ڪمار ۽ سڌارٿ جي فلم ”برادرز“ جي اسپيسل اسڪريننگ ۾ ٻنهي گڏ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سڌارٿ کي روئيندو ڏسي عاليه کان به ڳوڙها وهي ويا ۽ هنن فلم جي پڻ ڏاڍي تعريف ڪئي. عاليه ڀٽ بابت خبرون پڻ آهن ته هن سڌارٿ جي خاندان وارن سان ڪافي وقت گڏ گذاريو ۽ ڊنر پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *