عاليه ڀٽ سلمان خان جي هيروئڻ بڻجڻ لاءِ پريشان بڻيل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ دبنگ خان جي هيروئن بڻجڻ لاءِ آتي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هوءَ پنهنجي اهڙي خواهش پڻ ڏيکاري چڪي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق عاليا ڀٽ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته مان سلمان خان سان ڪم ڪرڻ بنا پاڻ کي مڪمل نه ٿي سمجهان، هن چيو ته هوءَ ان گهڙي جو بيچيني سان انتظار ڪري رهي آهي، جڏهن هوءَ سلمان خان سان گڏ فلم ۾ نظر ايندي، عاليا ڀٽ چيو ته مان هڪ سٺي ڪهاڻي جي ڳولا ۾ آهيان ۽ جيڪڏهن مونکي سلمان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ته اهو ڪڏهن ته هٿان وڃڻ نه ڏينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *