عاليه جو ڪورونا ويڪسين بابت ويب سيريز آڻڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره ۽ فلم ساز عاليه ڀٽ ڪورونا بابت سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ويندڙ افواهن جي باري ۽ ڪورونا وئڪسين بابت غلط معلومات پکيڙ جي لاءِ ويب سيريز ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب پنج حصن تي ٻڌل ويب سيريز (the intersection) عاليه پروڊڪشن ۽ پوڊ ڪاسٽ نيٽ ورڪ آڊيو ميٽڪ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي آهي، اداڪاره طرفان حال ئي ۾ ويب سيريز بابت مداحن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ٽوئيٽر تي وڊيو پيغام شيئر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته ويڪسين اچي وئي پوءِ به اسان ٻڏتر جا شڪار آهيون، هن پريشاني جو وڏو سبب سوشل ميڊيا ۽ ٻيا ميسيجنگ پليٽ فارم تي ڦهلائي ويندڙ غلط معلومات ۽ افواهون آهن، هن چيو آهي ته سيريز جو پهريون حصو اڄ ريليز ڪيو ويندو، جنهن ۾ شامل نالي وارا ڊاڪٽرز ۽ صحت جي عالمي ماهرين ڪورونا بابت اصل حقيقتون انگ اکر شيئر ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *