عاليا جا شرڌا سان اختلاف،باغي جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ڪوٺايل پارٽي ۾ نه آئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٻن نوجوان اداڪارائن عاليا ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور ۾ اختلاف وڌندا پيا وڃن، جنهن ڪري ٻئي اداڪارائون هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ به پسند نه ٿيون ڪن، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق تازو ئي شرڌا ڪپور پنهنجي فلم باغي جي ڪاميابي جي خوشي ۾ رٿيل پارٽي ۾ عاليا ڀٽ کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر عاليا اها رد ڪندي پارٽي ۾ شرڪت نه ڪئي، جنهن سان ٻنهي ۾ اختلافن وارن افواهن کي وڌيڪ هٿي ملي وئي آهي، ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته عاليا ڀٽ ، شرڌا جي لاڳيتين ڪاميابين تي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس پنهنجي پريمي اداڪار سڌارٿ ملهوترا جو شرڌا جي ويجهو وڃڻ ۽ ساڻس گڏ فلم ۾ ڪرڻ نه ٿو وڻي، ڇاڪاڻ ته ايڪ ولن ۾ ڪم ڪرڻ دوران شرڌا ۽ سڌارٿ ۾ ويجهڙائپ جون ڳالهيون هليون هيون، جنهن تي عاليا ڪاوڙيل آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *