عالم سڳورا ممبر ۽ محراب تان هن جمعي تي به ويڪسين لڳرائڻ جي خاص تلقين ڪندا : صدر ۽ عالمن سڳورن جو اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي ۽ عالمن سڳورن ڪرونا ويڪسين تي اتفاق ڪيو آهي ته ويڪسين لڳرائڻ تي عوام کي ترغيب ڏيارڻ لاءِ عالم سڳورا مسجدن امام بارگاهن ۽ مدرسن مان موثر ۽ هاڪاري آواز بلند ڪندا. عالمن سڳورن پهريان به ويڪسين لڳرائڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ عالم سڳورا ممبر ۽ محراب تان هن جمعي 4 جون تي به ويڪسين لڳرائڻ جي خاص تلقين ڪندا ۽ اعلانن جو هي سلسلو ايندڙ خطبن ۾ به جاري رکندا صدر عارف علوي ڪرونا ويڪسين تي عالمن سڳورن جي مشاورتي اجلاس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن مطابق صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان، ڊاڪٽر عارف علوي سان سڄي ملڪ جي عالمن سڳورن جي ڪرونا ويڪسين جي حوالي سان سڀ کان اهم ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عوام جي جان ۽ صحت جي حفاظت دين ۽ شريعت جي مقصدن مان هڪ مقصد آهي ڪرونا هڪ وبائي مرض آهي جنهن کي روڪڻ ۽ علاج جو اهتمام ڪرڻ رڳو شريعت جي گهرج ئي نه پر حڪم آهي پڌرائي مطابق ڪرونا وبا وگهي لکين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن صحت جا ماهر به ان کي روڪڻ لاءِ ويڪسين هڻائڻ تي زور ڏيئي رهيا آهن عالم سڳورا به صحت جي ماهرن جي راءِ کي اهميت ڏين ٿا. پڌرائي مطابق ڪرونا ويڪسين جي استعمال جي ترغيب عالمن سڳورن جي فرضن ۾ آهي پڌرائي مطابق ڪرونا جي ويڪسين کي جيتري قدر وڌيڪ لڳرائڻ جو اهتمام ڪيو ويندو ان وبا کي اوترو ئي وڌيڪ روڪي سگهبو ۽ معاشرتي ۽ معاشي معاملا خاص ڪري صنعتن ڪارخانن ۽ مزدورن جو ڪم بهتر طريقي سان جاري رهندو پڌرنامي مطابق پاڪستان ۾ هن وقت ڪرونا کي روڪڻ لاءِ جيڪي ويڪسينز رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن انهن تي عالمن سڳورن اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *