عالمي ڪرڪيٽ جي ڊيبيو تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندس: شاهنواز ڏاهاڻي

لاهور(اسپورٽس نيوز)زمبابوي خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي انگلينڊ جي جوفرا آرچر جهڙو بالر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، پي ايس ايل ۾ هن پنهنجي انداز سان ڪافي مشهوري ماڻي هن وقت شاهنواز زمبابوي خلاف ٽيسٽ جي اسڪواڊ ۾ شامل آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي نوجوان فاسٽ بالر چوي ٿو منهنجو خواب هو ته جلد کان جلد پاڪستان جي نمائندگي ڪيان، آئون خوش َآهيان جو مونکي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. جيڪڏهن موقعو مليو ته ڊيبيو تي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن جو چوڻ آهي ته آئون هن وقت ڪوچز سان ملي سوئنگ تي ڪم ڪري رهيو آهيان، آئون هڪ نه پر ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *