عالمي ٽي 20 ڪرڪيٽ لاءِ مضبوط ٽيم تيار ڪنداسين: عبدالرزاق

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين ڪوچ عبدالرزاق چيو آهي ته هو پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسلجي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. هن جو سمورو ڌيان ايندڙ سال عالمي ٽي 20 ڪرڪيٽ ڪپ تي آهي، جنهن لاءِ مضبوط ٽيم کي تيار ڪنداسين. ”اي پي پي“ سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪپتان طور هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پنهنجي 17 سالن جي ڪيريئر ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل تي اعتماد ڪندي کيس ڪوچ بڻايو آهي، جنهن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *