عالمي ميگزين “دي مسلم وائب” اداڪاره مهوش حيات کي اوڀر دنيا جي انهن 5 عورتن مان هڪ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) عورتن جي ڪاوشن ۽ اسلامي نقطه نظر جي ترويج ڪندڙ عالمي ميگزين “دي مسلم وائب” اداڪاره مهوش حيات کي اوڀر دنيا جي انهن 5 عورتن مان هڪ قرار ڏنو آهي جيڪي دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. “دي مسلم وائب” طرفان 26 آگسٽ تي “عورتن جي برابري جي عالمي” جي موقعي تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ اعتراف ڪيو ته مهوش حيات جي ڳڻپ اوڀر دنيا جي انهن 5 عورتن ۾ ٿئي ٿي جيڪي دنيا کي بهتر بنائڻ لاءِ خدمتون ڏئي رهيون آهن. ميگزين برطانيا جي فلاحي اداري پيني اپييل جي سهڪار سان جاري ڪيل لسٽ ۾ مهوش حيات کانسواءِ امريڪا جي مسلم صومالي ڄائي پارليامينٽ ميمبر الحان عمر کي به شامل ڪيو آهي. مضمون ۾ مجموعي طور تي رڳو 5 عورتن جي ڪاوشن جو ذڪر ڪيو ويو ۽ انهن کي اوڀر دنيا ۾ عورتن ۽ خاص طور تي ٻارڙين جي صحت ۽ تعليم بابت اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن طور پيش ڪيو ويو آهي. پنجن عورتن جي لسٽ ۾ مهوش حيات ۽ الحان عمر کانسواءِ مصر جي ايٿليٽ منال رستم، فلسطيني ڄائي امريڪي سياسي اڳواڻ لنڊا سارسور ۽ آفريقي ڄائي امريڪي ايٿليٽ ابتهاج محمد کي شامل ڪيو ويو آهي. خيال رهي ته مهوش حيات کي تازو “پيني اپيل” پنهنجو خير سگالي سفير مقرر ڪيو هو ۽ هو ان تنظيم لاءِ ايندڙ سال لنڊن ۾ ٿيندڙ ميراٿن ريس ۾ ڊوڙيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *