عالمي طاقتون آمرن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي طاقتون آمرن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين، جمهوري پاڪستان عالمي امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسٽيڪ هولڊرز کي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، آمريت جي دور ۾ دهشتگردي وڌندي آهي، عالمي طاقتن کي غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آچر ڏينهن امن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد آهي ته عالمي طاقتون مفاد پرستن جي سرپرستي نه ڪنديون ۽ واعدو ڪن ته اهي آمرن کي ٻارن وانگر نه پالينديون، آمريت جي دور ۾ دهشتگردي وڌنديآهي ۽ جمهوريت ۾ امن قائم ٿيندو آهي عالمي طاقتون غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *