عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 82 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 82 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرِ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اها رقم مان بجلي جو نظام بهتر بڻايو ويندو. عالمي بينڪ پاڪستان کي 82 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض ڏيندي جنهن جي منظوري به ڏني وئي آهي جڏهن ته قرض جي رقم سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ بجلي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي. عالمي بينڪ موجب قرض جي گڏيل رقم مان 42 ڪروڙ 50 لک ڊالر نيشنل ٽرانسميشن سسٽم کي جديد بڻائڻ تي خرچ ٿيندا ۽ ان سان پاڪستان ۾ ٽرانسميشن سسٽم بهتر ٿيندو. عالمي جي قرض مان 500 ۽ 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائنز ۾ وسيع ۽ اب گريڊيشن ڪئي ويندي جڏهن ته 40 ڪروڙ ڊالر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي نظام جي بهتري تي خرچ ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *