عالمي برادري ۽ گڏيل قومون نريندر مودي جي پاڪستان مخالف بيان جو نوٽيس وٺن:سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت لاءِ نااهل قرار ڏيندَي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان نريندر مودي جي پاڪستان مخالف بيان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس جاري آهي. سينيٽ ۾ پاليسي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 20 يان ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مضبوط رشتو قائم آهي، جنهن ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ مملڪتي وزير راجيا ورڌن سنگهه راٺوڙ جي پاڪستان مخالف بيانن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. سرتاج عزيز عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته ڀارتي وزير جي بنگلاديش ۾ ڏنل پاڪستان مخالف بيان جو نوٽيس ورتو وڃي. ٻئي طرف پ پ ۽ اي اين پي سميت مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس جي صحيح نموني ڪوريج نه ڪرائڻ تان سينيٽ مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *