عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي: او آءِ سي

رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) ڀارت طرفان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ ڪلسٽر بم جي استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان شهري آبادي تي ڪلسٽر بم جو استعمال ڳڻتي جوڳو عمل آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي واڌو نفري ۽ بگڙجندڙ صورتحال تي به ڳڻتي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائي، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *