عالمي برادري ڪشميرين کي حق ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪري: سراج الحق

ڪوهالا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جـَي امير سراج الحق، ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان کي اڻپورو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ڪشميرين جي آزادي تائين جنگ جاري رهندي، والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڀارت سان دوستي جمهوريت جي توهين آهي. والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت باوجود ڀارت سان دوستي جمهوريت جي توهين آهي، ڪشمير مسئلي جي حل تائين هندستان سان دوست نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڀارت کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ڪشمير جي آزادي تائين جنگ جاري رهندي. آزاد ڪشمير جي شهر ڪوهالا ۾ يوم ڪشمير جي موقعي تي ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ انساني زنجير ٺاهي وئي، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته اسان ڪشمير معاملي تي پوئتي نه هٽنداسين، عالمي برادري ڪشميرين کي حق ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪري. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، ڪشمير تي ڀارتي قبضو پاڪستاني سلامتي ۽ بقا خلاف آهي،ڀارت کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ڪشمير جي آزادي تائين جنگ جاري رهندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *