عالمي برادري کي ٻين عالمي جنگ کان پوءِ مهاجرن جي بدترين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي: انجلينا جولي

گڏيل قومون (شوبز نيوز) گڏيلقومن جي مهاجرن بابت خصوصي نمائنده ۽ اداڪاره انجلينا جولي خبردار ڪيو آهي ته مهاجرن جي امداد لاءِ قائم هيو منسٽرين نظام ناڪام نظام ناڪام ٿي رهيو آهي. جرمن ذريعن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 60 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته عالمي برادري کي ٻين عالمي جنگ کان پوءِ مهاجرن جي بدترين بنهران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي سيڪيورٽي خطري ۾ اچي وئي آهي جو ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهو هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اداڪاره وڌيڪ چيو ته امدادي ادارن وٽ گهٽ رقم شديد مشڪلاتون اچي رهيون آهن. ان مشڪل وقت ۾ عالمي برادري کي هڪ سنجيده عزم ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *