عالمي برادري پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ حمايت ڪري: سرفراز

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد سريلنڪن ڪرڪيٽ جي پاڪستان دوري کي خوشي جوڳو قرار ڏيندي ڪرڪيٽ جي عالمي برادري کي پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ سپورٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.سريلنڪا جي ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان آئي آهي جتي سيريز جي پهرين ون ڊي سڀاڻي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.خميس تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرفراز احمد چيو ته دنيا کي اهو ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ واپس آڻڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪئي آهي، ان ۾ پي سي بي سان گڏوگڏ اسان جي فوج، سنڌ پوليس، لوڪل گورنمينٽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.هن ڪرڪيٽ جي عالمي برادري کي پيغام ڏنو ته اسان کي اوهان جي سپورٽ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن اوهان سپورٽ ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جلد واپس اچي سگهي ٿي.سينيئر سريلنڪن رانديگرن جي پاڪستان نه اچڻ ۽ امڪاني ڀارتي مداخلت جي حوالي سان سوال تي سرفراز چيو ته اسان گذريل ٻن سالن دوران ڪرڪيٽ ميچون منعقد ڪرائي دنيا کي پيغام ڏئي ڇڏيو ۽ هاڻ انهن ڪرڪيٽ بورڊز کي به ان باري ۾ سوچڻ گهرجي جن جي پاڪستان ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي.هن سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جيڪي رانديگر پاڪستان نه آيا انهن جا پنهنجا سبب ٿي سگهن ٿا پر اسان ٽيم موڪلڻ تي سريلنڪا جا شڪرگذار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *