عالمي برادري انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي سببن تي پڻ ڌيان ڏئي: پاڪستان

جنيوا (اي پي پي) جنيوا ۾ گڏيل قومن جي مشن لاءِ پاڪستان جي نمائنده تهمينا جنجوعه عالمي برادري تي زور ڏنو  آهي ته اها تشدد ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي سببن تي خاص ڌيان ڏئي ۽ انهن ڪارڻن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن جنيوا ۾ وزارتي سطح جي هڪ ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪئي. هن چيو ته پرتشدد انتهاپسندي کي رڳو مقامي سببن جهڙوڪ ناقص گورننس، انساني حقن جي ناقص صورتحال، ڪمزور اقتصادي ۽ سياسي حالتن سان ڳنڍڻ صحيح نه ٿيندو. هن چيو ته اڪثر ڪري عالمي سبب جهڙوڪ پرڏيهي قبضا، پراڻا حل طلب مسئلا حل نه ڪرڻ، ماڻهن جي خوداراديت واري حق کي دٻائڻ ۽ اولهه ۾ اسلام فوبيا جهڙن سببن جي ڪري پرتشدد انتهاپسندي کي هٿي ملي ٿي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ مقامي ۽ عالمي سببن تي پنهنجو ڌيان ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *