عالمي اڳواڻن کي جنگين بدران تعليم تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ گهرجي: ملاله يوسفزئي

فلاڊلفيا(اي پي پي) امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني نينگري ملاله يوسفزئي سڄي دنيا ۾ امن ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته اهي جنگين بدران تعليم تي وڌيڪ رقمون خرچ ڪن. گلف اخبار جي رپورٽ مطابق ملاله يوسفزئي لبرٽي ميڊل وٺڻ دوران چيو تهعالمي اڳواڻن کي جنگين بدران پنهنجا اختلاف ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته غربت، جهالت ۽ دهشتگرديءَ خلاف تعليم ئي بهترين هٿيار آهي. هن چيو ته جڏهن طالبان سوات ۾ آيا ته وٽس صرف 2 رستا هئا يا ته تعليم لاءِ آواز لاءِ اُٿاري يا مرڻ جو انتظار ڪري. ملاله چيو ته ويڙهاڪن کيس خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري وڏي غلطي ڪئي. لبرٽي ايوارڊ ڏيندڙ نيشنل ڪانسٽيٽيوشن سينٽر جي ويب سائيٽ مطابق ايوارڊ سان ملاله کي هڪ لک ڊالر جو انعام ڏنو وڃي ها جيڪو هن پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي امدادي ڪمن ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *