عاطف اسلم بي سُرو ۽ ماهره خان اداڪاري جي فن کان اڻڄاڻ آهي: جويريه عباسي

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستان ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪاره جويريه عباسي  مشهور ڳائڻي عاطف اسلم کي بي سُرو ۽ ماهره خان کي اداڪاري جي فن کان اڻڄاڻ  قرار ڏيندي کيس خوبصورت عورت قرار ڏنو/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 39

آهي. اداڪاره جويريه عباسي خانگي ٽي وي شو ۾ سوالن جا جواب ڏيندي جويريه عباسي چيو ته آئون سعديه امام کي پنهنجو جاني دشمن دشمجهندي آهيان. اهي ڪهڙا سبب آهن جنهن جي ڪري آئون سعديه امام کي جاني دشمن سمجهان ٿي اهي آئون نٿي ٻڌائي سگهان.پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ سڀني کان بهتر اداڪار فيصل قريشي آهي جڏهن ته مهوش حيات مون کي صرف اداڪاره جي طور تي پسند آهي. مشهور بي سُري ڳائڻي جي حوالي سان پڇيل سوال تي جويريه عباسي چيو ته منهنجي ويجهو عاطف اسلم گهڻو مشهور ڳائڻو آهي پر هو بي سُرو آهي.جويريه عباسي چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته عدنان صديقي کي اداڪاري ڇڏڻ گهرجي ڇو ته هو صرف پرڪشش انسان آهي پر سٺو اداڪار نٿو ٿي سگهي. ماهره خان جي حوالي سان جويريه عباس چيو ته هو به خوبصورت عورت آهي پر  مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو فلمن ۾ ڇو اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *