عاصمه جهانگير عمران خان کي “بونگا خان” قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) وڪيل اڳواڻ عاصمه جهانگير عمران خان کي بونگا خان قرار ڏئي ڇڏيو هن جو چوڻ آهي ته ڪنٽينر تان جيڪو چيو ويندو آهي اهو فتواءِ بونگا هوندو آهي، خان صاحب گهٽ وڌ نه ڳالهائي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته اهو طئه ٿي ڇڪو آهي ته سياست ۾ سول ادارن جي بالادستي هوندي عمران خان کي سول ادارن تي اعتماد ناهي، ان کي گهرجي ته هو درست ۽ شفاف سياست ڪري، گار گند نه ڪري ماضي ۾ به وڏا وڏا ماڻهو آيا اڄ اهي ڪٿي به نه آهن، عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته عمران خان جو رسل سٺو بڻجي سگهي ٿو جيڪڏهن هو سياست ۽ ووٽ ذريعي اچي، ماڻهو شرافت سبب خاموش آهن ماڻهو به گاريون ڏئي سگهن ٿا هن جو چوڻ هو ته عمران خان ضد تي بيٺل آهي نفسياتي ماهرن کي گهرجي ته هو ان جي سٺي طرح چڪاس ڪن، عاصمه جهانگير چيو ته هن ڪڏهن به نچڻ ڳائڻ تي تنقيد ناهي ڪئي جيڪڏهن عمران خان ڀارت ۾ ڊانس ڪرڻ چاهي ٿو ته ان تي ڪابه پابندي ناهي مون عمران خان تي تنقيد ناهي ڪئي خان صاحب کي برداشت ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *