عائشه گلالئي جو بيان سياسي شهرت حاصل ڪرڻ جي ناڪام سازش آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي ناراض قومي اسيمبلي ميمبر عائشه گلالئي جي نواز شريف ۽ سينيٽ ٽڪيٽ جي آڇ واري بيان کي ڪوڙو ۽ سياسي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ بي بنياد سازش قرار ڏئي ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب عائشه گلالئي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته عائشه گلالئي جو ڪوڙ تي ٻڌل بيان انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳو آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته  عائشه گلالئي جو بيان رڳو سياسي شهرت حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن چيو ته عائشه گلالئي تحريڪ تحريڪ انصاف ته ڇڏي ڏني پر پارٽي سربراهه جي سيکاريل ڪوڙ کي نه ڇڏيو، هو ڪنهن جي ايجنڊي تي ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، گلالئي ڪوڙا الزام هڻڻ بدرنا انهن ليگي اڳواڻن جا نالا ٻڌائي جن کيس سينيٽ جي سيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته مسلم ليگ ن عائشه گلالئي جي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي وفادار ۽ مخلص ڪارڪنن جي موجودگي ۾ ڪنهن ٻاهرين کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي نه ضرورت آهي ۽ نه ئي وري گنجائش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *