عائزه خان لالچي عورت جو ڪردار ڪرڻ کان توبهه ڪري ڇڏي

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره عائزه خان آئنده ڪنهن به ڊرامي ۾ لالچي عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ کان توبهه ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڊرامي ۾ پئسن جي لالچ کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ مان حقيقت ۾ اهڙي بلڪل ناهيان.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ آهي ته هو نجي ٽي وي جي ڊرامه سيريل(ميري پاس تم هو) وارو ڪردار ٻيهر ڪڏهن به نه ڪندي. هن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته هي ڊرامو هڪ ٽٽل دل جي ڪهاڻي ۽ مان ان ڊرامي ۾ ادا ڪيل ڪردار کي زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به نه ڪرڻ چاهيندس ڇو ته منهنجي نظر ۾ هي صرف زال مڙس جي ڪهاڻي ناهي پر ان ۾ ان جي اندر موجود پئسن جي لالچ کي ڏيکايو ويو اهي ۽ مان اهڙي بالڪل ناهيان.واضح رهي ته ان ڊرامي ۾ عائزه خان ۽ همايون سعيد مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊرامي جي ٻئي ڪاسٽ ۾ اداڪاره مرينه خان ۽ ڪبريٰ خان سميت ٻيا فنڪار به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *