ظهير عباس باضابطا طور آءِ سي سيءَ جي صدر جو عهدو سنڀالي ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ۽ پنهنجي دور جي اسٽائلش بيٽسمين ظهير عباس باضابطا طور آءِ سي سيءَ جي صدر جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. آءِ سي سيءَ جي بارباڊوس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ هن اها ذميواري سنڀالي ۽ هو هڪ سال جي لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي سربراهه نجم سيٺيءَ طرفان نالو واپس وٺڻ کان پوءِ ظهير عباس کي ان عهدي لاءِ چونڊيو ويو هو. ظهير عباس ٻيون پاڪستاني آهي جيڪو آءِ سي سي جو صدر بڻيو آهي. ان کان اڳ احسان ماني آءِ سي سيءَ جو صدر رهي چڪو آهي، پر احسان ماني هڪ بااختيار صدر هو، جڏهن ته آءِ سي سيءَ جو موجوده آئين تحت صدر جو عهدو رسمي آهي ۽ سڀ اختيار چيئرمين وٽ هوندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *