ظالم جاگيردار بجيٽ ٺاهڻ وقت پنهنجو فائدو ڏسندا آهن: سراج الحق

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مونکي سيڪيورٽي خدشن جو چئي رحيم يار خان نه اچڻ جو مشورو ڏنو ويو، هن چيو ته اسان الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته لاهور کان ڏکڻ پنجاب آيس ته غربت ۾ اضافو ڏٺو، هن چيو ته محنت مزدور ڪندو آهي پر هو بکيو سمهندو آهي، هن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن وٽ ڊگريون آهن پر اهي بيروزگار آهن، هن چيو ته ظالم جاگيردار بجيٽ ٺاهڻ وقت پنهنجو فائدو ڏسندا آهن، هن جو چوڻ هو ته هو هارين جو راڄ ڏسڻ ٿو چاهي، هن چيو ته شوگر مافيا به هارين مٿان راڄ ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان جي نوجوانن کي اداڪار نه بڻايو وڃي، سراج الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان جا حڪمران پاناما ڪيس ۾ ملوث آهن، هن چيو ته 7 ارب رپين کان وڌيڪ هڪ خاندان جي سيڪيورٽي تي خرچ ايندو آهي، هن چيو ته ڀارت ڪُلڀوشن موڪليندو آهي ۽ اسان بجلي ڏيڻ جو اعلان ڪندا آهيون، سندس چوڻ هو ته عوام نسل درنسل حڪمراني لاءِ تيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *