طلاق جا ذميوار مان پاڻ ۽ عمران خان آهيون: ريحام

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳئين زال ريحام خان علحيدگي جي معاملي ۾ عمران خان جي ڀينرن جي ڪردار جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ۽ لکيو آهي ته عمران خان سان شادي کان پوءِ پورو پاڪستان سسرال بڻجي ويو برطانوي اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ۾ ڪاري جادو ۽ گهريلو سازشن جي خبرن کان پوءِ ريحام خان لکيو ته صرف هو ۽ ان جو مڙس پاڻ ۾ علحيدگي جا ذميوار آهن اسان پاڻ ۾ هڪ مضبوط شادي جي ٻنڌڻ کي قائم نه رکي سگهياسين ۽ صرف 10 مهينن ۾ هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا سين طلاق لاءِ عمران خان جي ڀينرن پاران دٻاءُ جي ڳالهين ۾ ڪائي سچائي نه آهي ميڊيا رپورٽ مطابق ريحام خان پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر جي زال طور گذاريل گهڙيون به وڏي جذباتي انداز ۾ بيان ڪيون هن لکيو ته عمران خان سان شادي کان پوءِ سڄو پاڪستان ئي منهنجو سسرال بڻجي ويو سياست ۾ اچڻ بابت پنهنجين خواهشن بابت ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته پي ٽي آءِ کيس ڪڏهن به کيس قبول ناهي ڪيو ۽ ڪيترن ئي اهم اڳواڻن ان جي خلاف باقاعده مهم هلائي ۽ موقف اختيار ڪيو ته هو پارٽي معاملن ۾ ان جي مداخلت نٿا چاهين جنهن کان پوءِ هلندڙ سال آگسٽ ۾ ئي پارٽي معاملن کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تي منهنجو مڙس مون سان متفق هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *