طالبان کي ڀارت جي مدد جا ثبوت عالمي برادري کي پيش ڪري ڇڏيا: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان،ڀارتي شرطن تي ڳالهين کان هڪ ڀيرو وري صاف انڪار ڪري ڇڏيو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس مان پاڪستاني مسافرن کي لاهڻ واري معاملي جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، طالبان کي ڀارت جي مدد جا ثبوت عالمي برادري کي فراهم ڪري ڇڏيا،ڀارت ۾ ڳئون ڪهڻ کي بهانو بڻائي مسلمانن تي تشدد جا واقعا افسوس جوڳا آهن. پرڏيهي کاتي جي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي ترجمان قاضي خليل الله واضح ڪيو ته پاڪستان مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو پر ڀارت جي شرطن تي ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ مداخلت ۽ طالبان کي ڀارتي مدد جا ثبوت عالمي برادري حوالي ڪيا ويا آهن،سمجهوتا ايڪسپريس مان پاڪستاني مسافرن کي لاهڻ واري معاملي جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. قاضي خليل الله ڀارت ۾ ڳئون ڪهڻ کي جواز بڻائي مسلمانن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ وارن واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت دنيا ۾ ڳئونءَ جو گوشت وڪرو ڪندڙ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. هن چيو ته ڳئونءَ جو گوشت واپرائڻ جو بهانو بڻائي مسلمانن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ درست عمل ناهي. قاضي خليل الله، هندو انتها پسندن جي ڌمڪين سبب ڀارت ۾ پاڪستاني غزل ڳائڻي غلام علي جو ڪنسرٽ ملتوي ڪرڻ تي به افسوس جو اظهار ڪيو. قاضي خليل الله، پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي کان انڪار ڪندي چيو ته داعش جهڙي دهشتگرد تنظيم کي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو. منيٰ سانحي بابت ڳالهائيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته سعودي سرڪار حج لاءِ بهترين انتظام ڪيا هئا، پر ان باوجود منيٰ سانحو پيش آيو. سندس چوڻ هو ته منيٰ سانحو ڏکائيندڙ آهي،جنهن ۾ 89 پاڪستاني حاجي شهيد،9 زخمي ۽ 43 ڄڻا گم ٿي ويا. قاضي خليل الله ٻڌايو ته گم ٿي ويل پاڪستانين جي ڳولا جاري آهي،جڏهن ته ان سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف سان سعودي عرب جي لاڳاپيل وزير جي ملاقات پڻ ٿي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، افغان سرڪار سان رابطا ۽ سهڪار به جاري آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي بريفنگ دوران شام ۾ روس جي حملن جي مخالفت ڪئي. قاضي خليل الله جو چوڻ هو ته شام ۾ حڪومت ۽ باغين ۾ هلندڙ تڪرار جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي،پاڪستان شام ۾ ڪنهن به اڳرائيءَ جي حمايت نه ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *