ضمانت ۾ عبوري واڌ، اسان خلاف ڪوڙا شاهد بڻايا پيا وڃن، نيب وٽ منهنجي ۽ سلمان جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي : سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي عبوري ضمانت ۾ 11 ڊسمبر تائين واڌ ڪندي نيب کي ٻنهي جي يقيني گرفتار کان روڪي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست گذارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڊي جي نيب کي تبديل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب چيئرمين ٻنهي ڌرين کي ٻڌي ورتو آهي ۽ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته ٻنهي جي گرفتاري وارنٽن کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو، گذريل ٻڌڻي تي به اوهان ان کي عدالتي رڪارڊ جو حصو نه بڻايو هيو. عدالت درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي عبوري ضمانت ۾ 11 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ نيب کي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين گرفتار نه ڪيو وڃي.

ٻئي طرف  ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته نيب لاهور وٽ ڪو به ثبوت ناهي پر اسان جي خلاف ڪوڙا شاهد بڻايا پيا وڃن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته نيب لاهور وٽ منهنجي ۽ سلمان جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي، هڪ سالن کان هن وقت تائين ڪو به ثبوت ناهي مليو، 5 ماڻهو شاهد آهن جيڪي چون ٿا ته اِهو نٿو ٿي سگهي جڏهن ته قيصر امين بيمار آهي، ان کي غلط پڪڙيو ويو ۽ سندس بيان به غلط آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته اسان جي جاچ ڪنهن ٻئي سٺي آفيسر کان ڪرائي وڃي، هي ماڻهو اسان گڏ سان جي خلاف ڪوڙا شاهد بڻائي رهيا آهن جڏهن ته عمران خان جي خلاف به جاچ هلي رهي آهي پر هو وزير اعظم بڻجي ويٺل آهي. هن چيو ته ريلوي جي ڀاڙن کي وڌائڻ بنا جواز آهي، عوام کي تنگ ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *