ضرورتن کان وڌيڪ سرپلس ڪڻڪ کي محفوظ ڪري رکيو وڃي ؛منظوروساڻ

ڪراچي (ار)خوراڪ واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد کي هدايتون ڏنيون آهن ته سنڌ وٽ ان جي سالياني ضرورتن کان وڌيڪ سرپلس ڪڻڪ کي محفوظ ڪري رکيو وڃي ۽ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سمورا اپاءُ اختيار ڪيا وڃن. هن چيو ته سرپلس ڪڻڪ کي نفعي بخش قيمتن تي عالمي منڊي ۾ برآمد ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمت ڪريل هجي ۽ ڪڻڪ برآمد کان فائدو وٺڻ ناممڪن هجي ته ان ڪڻڪ کي خوراڪ جي کوٽ کان متاثر علائقن ۽ ٻين هنڌن تي اسٽال لڳائي رعايتي اگهن تي عوام کي مهيا ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ ڪڻڪ جي عالمي منڊي ۾ قيمتن ۽ ٻين سمورن پهلوئن جو جائزو وٺي جلد کان جلد سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن صوبي وٽ موجود سرپلس ڪڻڪ ذخيري کي مناسب طريقي سان صوبي جي معيشيت جي استحڪام ۽ عوام جي سهولتن لاءِ بروقت استعمال ۾ آڻي سگهجي. هن خوراڪ کاتي جي آفيسرن تي واضح ڪيو ته موجود اسٽاڪ ۾ ڪنهن قسم جي خردبرد تي ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *