ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن: نواز شريف

پشاور (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئون پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙ 2 سال گذرڻ باوجود صوبي کي نئون نه بڻائي سگهيا جڏهن ته اسان نئون خيبرپختونخواهه نه پر بهترين خيبرپختونخواهه بڻائينداسين، پشاور ۾ مسلم ليگ ن جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه مسلم ليگين جو مرڪز رهيو آهي پر اسان جنهن وٽ وڌيڪ ووٽ هئا انهن کي چيو ته حڪومت ٺاهين، مسلم ليگ ن پشاور مان 8 لک 56 هزار ووٽ کنيا ۽ جن جي حڪومت آهي انهن 10 لک 39 هزار ووٽ کنيا هو هر هر چوندا آهن ته اسان نئون پاڪستان ٺاهينداسين پر حڪومت کي 2 سال گذرڻ باوجود صوبي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي جڏهن ته اسان نئون خيبرپختونخواهه نه پر بهترين خيبرپختونخواهه بڻائينداسين، هن چيو ته اسان ترقياتي ڪم ڪري نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي  اسان کانپوءِ ڪوبه نئون موٽر وي نه ٺاهيو ويو پر اسان لاهور کان پشاور تائين موٽر وي ٺاهيو جڏهن ته ڪراچي لاهور موٽر وي ٺهڻ کانپوءِ ماڻهو گاڏي تي ڪراچي وڃڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ ماڻهن جون دليون هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون، لواري ٽنل تي به ڪم جاري آهي جيڪو ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڄ دهشتگردي ڀڄي رهيا آهن ۽ اسان ان جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي فرقيواريت جي نالي تي قتل ڪندڙن لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جاءِ ناهي اسان پاڪستان کي هڪ پرامن ملڪ بڻائينداسين ۽ دهشتگردي جي ڪابه شئي نه رهندي ان کان اڳ گورنر هائوس پشاور ۾ مسلم ليگ ن جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جو تاثر دنيا ۾ بهتر ٿي رهيو آهي ۽ ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي جنهن جو اعتراف پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن اسان شروع ڪيو جڏهن ته بجلي ۽ گيس جي بحران کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ به ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن جاسٺا نتيجا جلد عوام جي سامهون هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *