صولت مرزا جي بيان کانپوءِ موت جي سزا ملتوي ٿيڻ سان معاملو شڪي ٿي رهيو آهي: خورشيد شاهه

لاهور (م.ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته صولت مرزا جي ڊيٿ سيل مان جاري بيان کانپوءِ موت جي سزا ملتوي ٿيڻ سان معاملو شڪي ٿي رهيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ آپريشن ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي ٿيو ۽ رينجرز نائن زيرو تي آپريشن ڪري فرار جوابدارن کي گرفتار ڪيو، رينجرز جو آپريشن بلڪل ٺيڪ هو ان کي ساراهڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم کي به ڏوهاري ماڻهن سان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڏوهاري ماڻه نخلاف آپريشن ۾ لياري مان 60 سيڪڙو دهشتگردن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته آپريشن دوران طالبان ۽ سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ڏوهاري ماڻهو به مارجي ويا جيڪي ماڻهو به قانون کي هٿ ۾ کڻن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي ڏوهاري ماڻهن خلاف آپريشن جي ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي عزير بلوچ جو بيان آهي ان جي باري ۾ مون کي ڪابه خبر ناهي،  خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ آپريشن بنا فرق ٿي رهيو آهي ۽ جيڪي ڏوهاري ماڻهو گرفتار ٿيا آهن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن ڏوهاري ماڻهن کي ڇڏيو ويو ته حالتون ٺيڪ ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿيندي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ ڪافي بهتري آئي آهي، اندرون سنڌ ۾ ڌاڙي ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي، سنڌ هن وقت ملڪ جي سڀ کان پرامن صوبو آهي هن جو چوڻ هو ته صولت مرزا کي پنهنجي ڪيتي جي  سزا  ملڻ گهرجي، ڊيٿ سيل مان جاري وڊيو بيان کانپوءِ صولت مرزا جي ڦاهي ملتوي ٿيڻ سان معاملو شڪي ٿي رهيو آهي، صولت مرزا جي بيان سان ايم ڪيو ايم کي فائدو ٿيو، جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان پڇيل سوال تي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ معاهدو خوشي جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان ان ۾ وڏو ڪردار ڪيو آهي، هن جو چوڻ هو ته تحرڪي انصاف جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ حڪومت جو سٺو قدم آهي ۽ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ کانپوءِ هاڻ عمران خان کي پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *