صولت مرزا جو هڪ مهيني ۾ ٻيون ڀيرو ڊيٿ وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت صولت مرزا جا ٻيهر ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن صولت مرزا کي پهرين اپريل تي مڇ جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي ڪراچي ۾ دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت نمبر 5 جي جج جاويد عالم مڇ جيل عملدارن پاران صولت مرزا جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جيل عملدارن پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت پاران صولت مرزا جي موت جي سزا ملتوي ٿيڻ جي باوجود جوابدار کي ڊيٿ سيل ۾ رهايو ويو آهي ان لاءِ عدالت کي درخواست آهي ته صولت مرزا جي سزا تي عملدرآمد جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي جنهن تي عدالت جي جج جاويد عالم صولت مرزا کي پهرين اپريل تي موت جي سزا ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *